پهلوان احسان سانڊاڻو

پهلوان، احسان سانڊاڻو: ملهه پهلوان محمد احسان ولد سومر خان سانڊاڻو سال 1869ع ڌاري ٻُٽ سرائي تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. ٻهراڙي جي ماحول جو پليل احسان ڌنار هو. ملهه وڙهڻ ۽ ڪوڏي ڪوڏي کيڏڻ سندس روزانو جو مشغلو هو. هن پهريون ملاکڙو ٻارهن سالن جي عمر ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ کيڏيو، هن ميلي ۾ پهرئين جوڙن جي ملهه کيس ملهه وڙهڻ نه پئي ڏني، ڇو ته هو عمر جو ننڍو هو. پر زميندارن جي زور تي ملهه وڙهڻ جي اجازت مليس. انهيءَ ميلي ۾ هن پهرئين جوڙ جي ملهن سان ملهه وڙهي سوڀ حاصل ڪئي. پوءِ هن سنڌ جي سڀني ميلن جھڙوڪ: ڀٽ شاهه جي ميلي، سيوهڻ جي ميلي، جيڪب آباد جي ميلي وغيره ۾ ملهون وڙهيون. ان زماني ۾ ملهه پهلوانن جو عروج هو ۽ سنڌ جا ناميارا نواب ڄام ڪانڀو خان، ڄام مٺا خان، مير علي نواز ٽالپر، مير خان جمالي'>جعفر خان جمالي ۽ مٽيارين جا سيد وغيره ملهن جا قدردان هئا ۽ اهي ملهن جي پالنا ڪندا هئا. اتر سنڌ جي ملهن جو اڪثر لاڙ جي شيدين سان مقابلو هوندو هو. ڪڏهن لاڙ جي شيدين جي ته ڪڏهن اتر جي ملهن جي سرسي پئي ٿيندي هئي. پوءِ احسان سانڊاڻي شيدي ملهن کي ايترا ته ڌڪ ڏنا، جو ان وقت لاڙ جا شيدي ملهه ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا. احسان سانڊاڻو هڪ ڏينهن ۾ ڇهن ڇهن شيدي پهلوانن کي ملهه ماري فتح حاصل ڪندو هو. سندس جوڙ جا ملهه اقبال جوڳي، گل بيگ مستوئي، نواز علي پٺاڻ، محمد ماڃرائي، هوشو هالائي، ڪوڏو شيدي ۽ ٻيا لاڙ جا پهلوان هئا. هن هندستان جي مشهور پهلوان گاما پهلوان کي به ملهه ۾ چئلينج ڪيو، پر گاما پهلوان کي ملهه نه ايندي هئي، ان لاءِ چئلينج قبول نه ڪيائين. سانڊاڻي پهلوان بمبئيءَ جي هڪ جلسي ۾ ملهه وڙهي زبردست فتح حاصل ڪئي. ان وقت جي وائسراءِ کيس وڏا انعام ۽ بندوق جو لائسنس ڏيڻ کان سواءِ سندس تاحيات وظيفو مقرر ڪيو. هي پنهنجي وقت جو تمام تيز رفتار ملهه هو، اک ڇنڀ ۾ راند نبيريندو هو. 1928ع ۾ 58 سال مسلسل راند ڪندي عروج واري دؤر ۾ ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏنائين. هي جيترو قد ۽ بت ۾ مضبوط ۽ سهڻو پهلوان هو، اوتروئي سڀاءُ جو ڀلو هو. کيس هندستان ۾ پهرين نمبر جي ملهه جو لقب مليل هو. هن عراق، ايران ۽ ڪربلا معليٰ جون زيارتون ڪيون. والد جي وفات بعد لاڙڪاڻي شهر جي باقراڻي روڊ تي ڀاءُ مهوال خان سانڊاڻي سان اچي رهيو.
محمد احسان ملهه سان گڏ سٺو سگھڙ به هو. شاهه جو رسالو گھڻي قدر ياد هئس. هي سدا ملوڪ پهلوان 103 ورهين جي ڄمار ۾ 1972ع ۾ وفات ڪري ويو. نادر علي ۽ غلام حيدر نالي ٻه پٽ هئس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو